سليم الزمان صديقي

سليم الزمان صديقي

سليم الزمان صديقي

سليم الزمان صديقي: پاڪستان جو نامور ڪيميادان ۽ سائنسدان ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي 1897ع ڌاري لکنؤ هندستان ۾ پيدا ٿيو. هن مئٽرڪ تائين تعليم مقامي سطح تي حاصل ڪئي ۽ 1919ع ۾ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ هن غير ملڪي يونيورسٽين مان به تعليم حاصل ڪئي. ان بعد هي 1928ع ۾ طبيه ڪاليج دهليءَ ۾ حڪيم اجمل سان گڏ ڊرگ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ڏهن سالن تائين ان اداري جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. هن مختلف ٻوٽن کي دوا طور استعمال ڪرڻ تي ڪافي تحقيق ڪئي ۽ مختلف دوائون ٺاهيون. هن جي ٺاهيل دوا ’اجملين‘ پوري دنيا ۾ مشهور ٿي ۽ هن ڪافي مقبوليت ماڻي. 1961ع ۾ پاڪستان نيشنل سائنس ڪائونسل قائم ٿي ته کيس ان جو پهريون چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر سليم الزمان رٽائر ٿيڻ بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪيمسٽري شعبي جو پروفيسر ريسرچ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. هن اتي حسين ابراهيم جمال فائونڊيشن جي تعاون سان ايڇ. سي. جي ريسرچ انيسٽيٽيوٽ آف ڪيميسٽري جو بنياد وڌو. ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي ڪيميا جي شعبي ۾ تحقيق دوران 300 جي لڳ ڀڳ مقالا لکيا ۽ 50 دوائن جا فارمولا ايجاد ڪيا. کيس ڪيميا جي شعبي ۾ تحقيق ۽ خدمت ڪرڻ تي ڪافي اعزاز ۽ اوارڊ مليا، جن ۾ ميمبر آف آرڊر آف برٽش ايمپائر، تمغه پاڪستان، ستاره امتياز، صدارتي تمغو براءِ حسن ڪارڪردگي، هلال امتياز وغيره شامل آهن.
ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي 1997ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سليم الزمان صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو